ڀارت: عدالت هم جنس پرستن جي شادي قانوني قرار ڏيڻ بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ )ڀارتي سُپريم ڪورٽ هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۽ پارليامينٽ کي ان لاءِ قانون سازي جي هدايت ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

ڀارتي سُپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ هم جنس پرستن جي شادين کي قانوني حيثيت ڏيڻ کان انڪار ڪندي لکيو ته اِهو اختيار صرف پارليامينٽ ۽ رياسي اسيمبلين وٽ آهي هو هم جنس پرستن جي شادين جي قانوني حيثيت جي منظوري لاءِ ادارا جوڙين.

عدالت فيصلي ۾ اِهو به قرار ڏنوته هم جنس پرست جوڙن کي گڏيل طور ٻار هنج وٺڻ جو حق نٿو ڏئي سگهجي.

چيف جسٽس آف انڊيا ڌننجيا يشونت، جسٽس سنجي ڪشن ڪول، ايس رويندر ڀٽ، هيما ڪوهلي ۽ پي ايس نرسمها تي ٻڌل پنج رڪني آئيني بئنچ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هم جنس پرستن جي شادي کي تسليم ڪرڻ ۽ قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ کي هدايت جاري ڪرڻ اسان جي اختيار ۾ ناهي.

ججن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته هم جنس پرست جوڙن جي خدشن جو جائزو وٺڻ ۽ ڪجهه اصلاحي قدم کڻڻ لاءِ مئي ۾ مرڪز طرفان تجويز ڪيل هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جي ڪم کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي.

پر سُپريم ڪورٽ اسپيشل ميرج ايڪٽ جي قلمن کي رد ڪرڻ يا ان ۾ ترميم ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن غير هم جنس پرست جوڙن کي ان دائري ۾ شامل ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته اهڙن جوڙن کي بنا ڪنهن تشدد ۽ زبردستي مداخلت جي گڏ رهڻ جو حق حاصل ٿئي.

ان کانسواءِ عدالت هم جنس پرستن جي سول يونينز ٺاهڻ واري فيصلي تي ورهايل نظر آئي، چيف جسٽس ۽ جسٽس ڪول سول يونيز جوڙڻ جي حق کي قبول ڪيو جڏهن ته جسٽس ڀٽ، ڪوهلي ۽ نرسمها ان ڳالهه تي زور ڏنوته آئين تحت شادي جو ڪو بنيادي حق ناهي پر رڳو هڪ قانوني حق آهي انڪري سول يونين جو ڪو حق نه ٿو ٿي سگهي جيڪو قانوني طور لاڳو ٿي سگهي.

ياد رهي ته ويهه کان وڌيڪ درخواستن ۾ مارچ جي آخر کان اپريل تائين ڏهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ دليلن کانپوءِ پنجن ججن تي ٻڌل بئنچ يارنهن مئي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.