آمريڪي ڊالر مسلسل 28هين ڏينهن به ڪِري پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل اٺين ڏينهن رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجي ويو.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 79 پئسا سستو ٿي 276 رپين 83 پئسن جو ٿي ويو، گذريل ڪاروباري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپين 62 پئسن جو هو.
رڳو آڪٽوبر جي 11 ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر تقريبن 11 رپيا ڪِريو آهي ۽ 28 ڏينهن ۾ سوا 30 رپين کان وڌيڪ سستو ٿي چڪو آهي.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر جو اگهه 277 رپين تي برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.