فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي عاطف اسلم تنقيد جو نشانو!

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حملن کانپوءِ آمريڪا ۽ ڀارت اسرائيل جا حمايتي بڻجي سامهون اچي ويا آهن جڏهن ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جي فنڪارن ۽ ناليوارين شخصيتن فلسطينن جي حق ۾پنهنجو آواز اٿاريو ڪيو آهي.

پاڪستان سميت ڀارت ۾ هڪ جيتري شهرت رکندڙ گلوڪار عاطف اسلم وحشي اسرائيلي فوج هٿان ظلم ۽ ستم جو شڪار فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجو آواز اٿاريو آهي جنهن تي گلوڪار جا ڀارتي مداح مٿس ڏمرجي پيا آهن.

ناليواري پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم اسرائيلي جارحيت سان منهن ڏيندڙ فلسطينين جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو آهي.

غزا تي اسرائيلي حملن کي اڄ ڏهون ڏينهن آهي، اسرائيل طرفان غزا جي پَٽي تي وحشي بمباري جاري آهي. عاطف اسلم انسٽاگرام تي پيغام جاري ڪندي چيو ته فلسطين ۾ معصوم زندگين جي زيان تي ڏک آهي، اچو گڏجي بيهون.

هن وڌيڪ چيو ته فلسطين ۾ زخمين جي علاج ۽ امن قائم ٿيڻ لاءِ دعاگو آهيان. اي الله رحم فرما.

اهڙي حمايت کانپوءِ عاطف اسلم جا ڀارتي مداح مٿس سخت تنقيد ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.