نگران حڪومت عوام کي ٻي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ عوام لاءِ هڪ ٻي خوشخبري ٻڌائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.

هلندڙ مهيني ڊيزل جي اگهه ۾ ٻيو ڀيرو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ريلوي اختيارين مسافرن کي رليف ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو حتمي فيصلو ريلوي چيئرمين جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ڊيزل هڪ مهيني دوران 26 رپيا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.