ڪمپيوٽر تي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ وارن لاءِ اهم خبر

جڳ مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ ويب ورجن ۾ ٻه وڏيون اَپ ڊيٽس ڪيون پيون وڃن، ويب ورجن ۾ چيٽ سرچ ۽ پرائيويسي کي بهتر بڻايو پيو وڃي.

ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب ويب ورجن جي بيٽا ورجن ۾ سرچ باءِ ڊيٽ فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.

ان فيچر جي مدد سان واهپيدار تاريخ ذريعي مخصوص چيٽس کي سرچ ڪري سگهندا.

واضح رهي ته اِهو فيچر ڪافي عرصي کان موبائيل ايپ تي موجود هو ۽ هاڻ ان کي ويب ورجن جو حصو بڻايو پيو وڃي.

رپورٽ موجب، جڏهن صارف چيٽ سرچ واري آپشن تي ڪلڪ ڪندو ته کيس هڪ نئون ڪئلينڊر آئيڪون نظر ايندو.

واهپيدار ان آئيڪون تي ڪلڪ ڪرڻ سان مخصوص تاريخ، مهيني ۽ سال جي چونڊ ڪري چيٽس جي ڳولا ڪري سگهندا.

نئين فيچر جي مدد سان چيٽس جي ڳولا وارو عمل آسان بڻجي ويندو ۽ مخصوص لفظ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته اِهو فيچر فلحال بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي انڪري سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪجهه هفتا يا مهينا لڳي سگهن ٿا.

اهڙي طرح واٽس ايپ بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي پرائيويسي کي به اسڪرين لاڪ نالي فيچر ذريعي بهتر بڻايو ويو آهي.

ان کان اڳ چيٽ لاڪ فيچر موبائيل کانپوءِ ويب ورجن ۾ به متعارف ڪرايو ويو هو.

پر ويب ورجن ۾ ان فيچر اسڪرين لاڪ جونالو ڏنو ويو آهي.

اِهو آپشن ويب ورجن جي پرائيويسي سيٽنگز ۾ موجود آهي، ۽ اتي وڃڻ تي اسڪرين لاڪ جو آپشن نظر ايندو جنهن ذريعي واٽس ايپ ويب تائين پهچ پاسورڊ سان مشروط ٿي ويندي.

جيڪڏهن ڪو صارف پاس ورڊ ذريعي چيٽ لاڪ ڪرڻ کانپوءِ پاس ورڊ وساري ويهندو ته کيس واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ ويب ورجن تان لاگ آئوٽ ٿي ٻيهر ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري سائن اِن ٿيڻو پوندو.

اِهو فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو جيڪي آفيس ۾ واٽس ايپ کي ويب ورجن ۾ استعمال ڪندا آهن.

اهڙي طرح جيڪڏهن سندن ڪمپيوٽر کليل رهجي وڃي ته تڏهن به کين ڳڻتي نه هوندي ته ڪو سندس ذاتي چيٽس ڏسي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.