اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي وارن لاءِ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 3 رپيا 2 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي 19 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.
ڪراچي لاءِ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.
ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 3 رپيا 2 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ ڪي اليڪٽرڪ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تحت ٻيو ڀيرو واڌ گهري آهي.
گذريل سال جي چوٿين ٽن مهينن ايڊجسٽمينٽ تحت واڌ جي درخواست ڏني وئي، واڌ نظرثاني پرائس سيٽنگ، آپريشنز اينڊ مينٽيننس ۽ سالياني مهانگائي جي مد ۾ گهري وئي.
نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 13 ارب رپين جي رائيٽ آف جي درخواست ڪئي آهي، ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تي ٿيندي.
You might also like