ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ هڪ ڀيرو وري بابر اعظم کي ڪپتاني ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان مقابلي کانپوءِ شعيب ملڪ هڪ ڀيرو وري بابر کي ڪپتاني ڇڏي ڪرڪيٽر طور کيڏڻ جي صلاح ڏني.
شو دوران هڪ سوال جي جواب م شعيب ملڪ چيو ته مان پهريان به چئي چڪو آهيان ۽ هاڻ به چوان ٿو ته بابر کي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي.
هن چيو ته بابر کي ڪرڪيٽر طور کيڏڻ گهرجي اِها صرف سندس راءِ ناهي يا انڪري نٿو چوان ته اسان ڀارت خلاف هارايو آهي يا وڏي مارجن تان هارايو آهي، پر ان جي پٺيان منهنجو ڪيل هوم ورڪ آهي جنهن تحت بابر ڪرڪيٽر طور پنهنجي ۽ ٽيم لاءِ دنگ ڪري ڇڏيندڙ پرفارمنس ڏئي سگهي ٿو.