اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، هلندڙ مالي سال دوران گئس سيڪٽر جي گردشي قرض ۾ 46 ارب رُپين جي اضافي جو خدشو آهي، گردشي قرضي ۾ واڌ تي آءِ ايم ايف طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ کان سپٽيمبر تائين گئس ڪمپنين جي نقصان ۾ 46 ارب رُپين جو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ گئس سيڪٽر جو گردشي قرض 2700 ارب رُپين تائين پهچي چڪو آهي.
ذريعن موجب، اقتصادي جائزي کان اڳ گئس جي اگهه ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇو ته سوئي گئس جا اگهه نه وڌائڻ سان 185 ارب رُپيا ۽ گهريلو واهپيدارن لاءِ آر ايل اين جي قيمتون نه وڌائڻ سان 21 ارب جو شارٽ فال ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي اگهن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي ) لاءِ سمري تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ايندڙ اي سي سي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.