رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اسرائيل جي مظلوم فلسطينين تي وحشياڻي بمباري تي آمريڪا کي کَرو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سعودي عرب جي هنگامي دوري تي آهي جتي هن اڄ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن عام شهرين جي تحفظ ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ان موقعي تي محمد بن سلمان مطالبو ڪيو ته عزا ۾ بيگناههه ماڻهن کان حياتيون کسيندڙ فوجي ڪاررواين کي روڪيو وڃي.
هن چيو ته عزا جو گھيراءُ ختم ڪرڻ سوڌو ٻين عالمي انساني قانونن جو احترام ٿيڻ گھرجي، سعودي عرب عزا ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ عالمي برادري سان رابطي ۾ آهي.
ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو ته سعودي ولي عهد سان ملاقات هاڪاري رهي.
گذريل ڏينهن انٿوني بلنڪن سعودي هم منصب فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ غزا جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.
ملاقات ۾ فيصل بن فرحان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو ته عزا ۾ سيز فائر ڪيو وڃي ته جيئن انساني بحران کي منهن ڏئي سگھجي، عزا تائين انساني امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي.
فيصل بن فرحان جو چوڻ هو ته علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي مفاد ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب سدائين گڏجي ڪم ڪيو آهي، خطو ڏکي وقت مان گذري ريهو ۽ پريشان ڪندڙ صورتحهال آهي، ٻنهي ملڪن لاءِ خطي جي سلامتي لاءِ سهڪار جاري رکڻ جو اهم موقعي آهي.
ملاقات م انٿوني بلنڪن جو چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجي ماڻهن جي دفاغ جو جائز حق استعمال ڪري رهيو آهي، حماس 1300 اسرائيلي شهرين کي قتل ڪيو آهي، حماس فلسطينين جي نمائيندا نه پر دهشتگرد جماعت آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو هو ته عام شهرين جي تحفظ الءِ گڏجي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نٿا چاهيون ته ڪنهن عام شهري کي ڀلي اهو اسرائيل يا عزا ۾ هجي تڪليف پهچي.
You might also like