ڪراچي: ڪلفٽن ڀرسان سمنڊ ۾ پيءُ ٻن ٻارن سوڌو ٻڏي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪلفٽن سمنڊ ۾ هڪ شخص ٻن پٽن سميت ٻڏي ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب شهرين جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کانپوءِ اتي موجود سيڪيورٽي گارڊ ٽنهي کي ڪڍي ڪلفٽن جي نجي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس آفيسر ٻڌايو ته ٻڏندڙ شهباز يونس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻار بچي ويا آهن ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب ٻڏي فوت ٿيل شخص ڊفينس فيز 8 جو رهواسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.