ڪراچي: معذور بڻجي 39 آءِ فونز سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ شخص گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي جوابدار طرفان 39 آءِ فونز جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
جوابدار فيصل سليم دبئي کان 39 آءِ فونز سمگل ڪري آيو هو، آءِ فونز جي ماليت 3 ڪروڙ 70 لک رپيا آهي، ايئرپورٽ تي موجود ڪسٽم جي ٽيم تلاشي کانپوءِ 39 آءِ فونز پڪڙيا.
جوابدار پاڻ کي معذوري ڏيکاري ويل چيئر تي ويهي گرين چئنل جو استعمال ڪندي لانچ کان ٻاهر آيو.
ڪسٽمز اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.