اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جي حملن خلاف آواز اٿاريندي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
ست آڪٽوبر تي حماس طرفان اسرائيلي زمين تي حملي جي خبرن کان پوءِ اسرائيل عزا تي حملن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو جيڪو هيل تائين جاري آهي.
اسرائيل طرفان فلسطينين تي ڪيل بمباري ۾ هيل تائين 2500 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ هزارين زخمي آهن جن ۾ اضافي جو سلسلو به جاري آهي.
سڄي دنيا ۾ عام عوام ۽ مشهور شخصيتن ان وحشياڻي جنگ تي پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به سامهون اچي ويو آهي.
جسٽن ٽرودو چيو آهي ته عزا ۾ سنگين انساني صورتحال تي گھري ڳڻتي آهي، شهرين جي ضرورتن کي ترت پورو ڪرڻ لاءِ انساني پهچ ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪئناڊا انساني حقن جي قانونن جي احترام جو مطالبو ڪري ٿو.