ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) شماريات کاتي سموري سنڌ کي حيران ڪري ڇڏيو، سياستدان جا خدشا سچ ثابت ٿيڻ لڳا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ لکين افغاني موجود آهن جن ۾ ڪيترائي ئي افغان سٽيزن ڪارڊ ۽ پاڪستان رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ موجب ترسيل آهن ته ڪيترائي ئي افغاني توڙي ٻيا غير قانوني طور ترسيل پناهگير لکن ۾ ٻڌايا وڃن ٿا.
تازو ئي افغاني مهاجرن کي ڏنل الٽيميٽم ۾ پندرهن ڏينهن باقي بچيا آهن جڏهن ته هزارين افغاني گذريل چوڏهن ڏينهن اندر ملڪ ڇڏي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ئي روزانو بنياد تي بسون ڀري افغانستان روانو ٿين پيا.
تازو گهرو کاتي پاران سنڌ جي هڙني ڪمشنرز کي غير قانوني طور ترسيل ماڻهن کي بارڊر تائين ڇڏي اچڻ جا خرچ پڇي ورتا آهن جنهن ۾ شماريات کاتي جا تفصيل به موڪليا ويا آهن جنهن ۾ هڪ حيرت جي ڳالهه سامهون آئي آهي
شماريات کاتي جي جاري ڪيل انگ اکرن سڄي سنڌ کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ غير قانوني طور ترسيل سمورا غير ملڪي صرف 164948 ٻڌايا ويا آهن. جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪراچي جي هڙني ضلعن ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين جو انگ 118638 آهي.