اسلام آباد: گاڏي ۾ گئس ڀرائيندي سئلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻه عورتون فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گئس اسٽيشن تي گاڏي جو سئلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻه عورتون فوت ٿي ويون.
اسلام آباد پوليس موجب سيڪٽر ايف سيون ۾ پيٽرول پمپ تي گاڏي ۾ گئس وجهرائيندي سئلينڊر ڦاٽي پيو.
واقعي ۾ گاڏي ۾ سوار ٻه عورتون فوت، جڏهن ته هڪ ٻار ۽ هڪ مرد زخمي ٿي پيا.
پوليس ترجمان ٻڌايو ته مڪمل جاچ تائين گئس فلنگ اسٽيشن کي بند ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.