پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) گهربل دهشتگردن جي ٽين فهرست جاري ڪري ڇڏي.
سي ٽي ڊي جي پڌرائيءَ موجب فهرست ۾ 128 دهشتگردن جا نالا ۽ تصويرون شامل آهن، انهن دهشتگردن جو واسطو بنون، لڪي مروت، مردان ۽ ٻين ضلعن سان آهي، جن جي سرن جي قيمت 3 لک رپين کان 70 لک رپين تائين مقرر ڪئي وئي آهي.
دهشتگردن جي سرن جي مجموعي قيمت 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، سڀ کان وڌيڪ سر جي قيمت دهشتگرد ظاهر قادر جي 70 لک رکي وئي آهي، جڏهن ته دهشتگرد حبيب الحق جي سر جي قيمت 60 لک مقرر ڪئي وئي آهي.
فهرست ۾ شامل دهشتگرد عجب شاهه جي سر جي قيمت 55 لک رپيا، حبيب الله، شاڪر الله، سيد الاڪبر ۽ نور قيوم جي سر جي قيمت 50-50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دهشتگرد ڪامران، عمر ۽ اسماعيل جي سرن جي قيمت به 50-50 لک رکي وئي آهي.
ان کانسواءِ دهشتگرد ڪفايت الله ۽ نذير شاهه جي سر جي قيمت ترتيب وار 55 لک ۽ 53 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دهشتگرد ڪمانڊر مولوي نعمت الله ۽ ڪامران جي سرن جي قيمت 40-40 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
Prev Post
You might also like