ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ مقرر انسپيڪٽر حماس طرفان اسرائيل خلاف اعلانيل جهاد ۾ حصو وٺڻ ۽ جسماني طور تي پنهنجو حصو جهاد ۾ وجهڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کان اجازت گهري ورتي.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن ٽو سٽي سائوٿ زون ۾ مقرر انسپيڪٽر فياض احمد جانوري آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن حماس طرفان اسرائيل خلاف اعلان جهاد ۾ حصو وٺڻ ۽ جسماني طور تي پنهنجو حصو جهاد ۾ وجهڻ جي باضابطا طور اجازت گهري آهي.
انسپيڪٽر فياض احمد جانوري پنهنجي پگهار جو 10 سيڪڙو حصو به الخدمت فائونڊيشن کي خاص طور فلسطين رليف آپريشن لاءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.
خط ۾ انسپيڪٽر لکيو ته فلسطين جي آزادي تائين جهاد ۾ شريڪ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
سندھ سے صوبائی سروسز کمیشن کی اہلیت حاصل کرنے والے پاکستان کے پہلے پولیس افسر انسپکٹر فیاض احمد جانوری بلوچ نے انسپکٹر جنرل آف پولیس، صدر اسلامی جمہوریہ پاکستان، وزیراعظم اسلامی جمہوریہ پاکستان، پاکستان میں فلسطین کے سفیر، الخدمت فاؤنڈیشن کے صدر کو خط لکھا۔ جس ۔#Gazagenocide pic.twitter.com/q1wnLegJKO
— Sajidahmed (@Sajidah20869231) October 14, 2023