افغانستان ۾ 9 ڏينهن دوران ٽيون زلزلو

هرات (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي هرات ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ماڻهو عمارتن ۽ گھرن کان ٻاهر نڪري آيا.
افغان ميڊيا موجب زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي، يو ايس جي ايس موجب زلزلي جو مرڪز هرات کان ڏکڻ اوڀر ۾ 32.8 ڪلوميٽر پري هو.
افغان ميڊيا موجب هرات ۾ زلزلي سبب هيل تائين ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي ملي، زلزلي جا لوڏا فراح ۽ بادغيس صوبي ۾ به محسوس ڪيا ويا.
واضح رهي ته هلندڙ مهيني دوران افغانستان جي صوبي هرات ۾ اهي ٽيون ڀيرو زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.