عزا لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن موجب اسرائيلي فوج جي گهيراءَ کان پوءِ غزا لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي.
فلسطينين لاءِ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني چيو آهي ته اسرائيل غزا تي حملا ڪري پاڻي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري فلسطينين لاءِ پاڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.
ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني چيو ته هن وقت ٻه ملين ماڻهن کي پاڻي دستياب ناهي جنهن جي ڪري هنن جي زندگي ۾ ڏکيايون وڌيڪ وڌي ويون آهن جنهن لاءِ ضروري آهي ته عزا ۾ ٻارڻ کي پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ هفتي کان غزا ۾ انساني امداد جي اجازت ناهي، رڳو پاڻ جي کوٽ سبب فلسطينين کي گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي جنهن سان بيماريون به پکڙجي سگھن ٿيون.
ٻي پاسي هڪ بيان ۾ اسرائيل طرفان چيو ويو آهي ته هو غزا تي ٽنهي رستن (زمين، فضا ۽ سمنڊ9 سان حملن جي تياري ڪري رهيو آهي ان حوالي سان صيهوني فورسز عزا جي شهرين کي هجرت (لڏ پلاڻ) ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.