پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان گڏوگڏ پوليس سان به بُرو ورتاءُ، اسٽيڊيم ۾ عورت اهلڪار کي چماٽ هنئي وئي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ توڙي جو ڀارتي ٽيم پاڪستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي پر احمد آباد اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن جي نامناسب رويي تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ميچ دوران جتي لکين ماڻهن ۾ پاڪستاني شوقين نه نظر آيا، اتي ئي وري ڀارتي شوقينن جو پاڪستاني رانديگرن سان نامناسب رويو به ڏٺو ويو.
ڪٿي ٽاس کانپوءِ ڀارتي شوقين ڪپتان بابر اعظم کي تنگ ڪندي نظر آيا ته ڪٿي رضوان جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پويلين ويندي شوقينن هندو پرستاڻا نعرا هنيا ۽ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪيا، جن جون وڊيوز به وائرل ٿي ويون آهن.
هاڻ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ اسٽيڊيم ۾ موجود هڪ فين کي عورت پوليس اهلڪار سان بدتميزي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ عورت پوليس اهلڪار طرفان سمجهائڻ تي اڳ ۾ ڪرسي تي ويٺل شخص کي مسلسل بحث ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن تنگ اچي عورت اهلڪار ان کي چماٽ هنئي ته هن به جواب ۾ عورت پوليس اهلڪار تي هٿ کڻي ورتو، جنهن تي عورت پوليس اهلڪار وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.