نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ آيل ماڊل ۽ اداڪارا اروشي روٽيلا پنهنجي مهانگي ترين آءِ فون کان محروم ٿي وئي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ اروشي روٽيلا طرفان پوسٽ ڪندي مداحن کي مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي.
پوسٽ ۾ اروشي ٻڌايو ته نريندرا مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ منهنجو 24 قيراط سون وارو آءِ فون وڃائجي ويو! جيڪڏهن ڪنهن کي اهو فون نظر اچي وڃي ته مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪندي مون سان جلد کان جلد رابطو ڪري.
You might also like