اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائين ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 3 هزار ٿي ويو

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان غزا تي وحشياڻي بمباري جاري آهي ۽ هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ تقريبن 3 هزار ٿي ويو آهي.
اسرائيل طرفان غزا تي حملن جو اڄ اٺون ڏينهن آهي ۽ اسرائيلي جهازن جي غزا جي پٽي تي وحشياڻي بمباري جاري آهي.
اسرائيل غزا تي هزارين ٽن بارود ڪيرائي چڪو آهي ۽ سوين گهر تباهه ٿي چڪا آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ تقريبن 3 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 9 هزارن کان وڌيڪ آهي.
اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ۽ زخمين سان غزا جون اسپتالون ڀرجي ويون آهن ۽ شهيدن جا مڙهه اسپتالن جي اڱڻن ۾ رکيا ويا آهن.
هوڏانهن اسرائيلي فوج غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ قافلن کي به نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 70 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اسرائيل جي غزا تي بمباري کانپوءِ 4 لک فلسطينين پنهنجو گهر ڇڏي ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.