اسرائيل پنهنجي انٽيليجنس ناڪامين جو اعتراف ڪري ورتو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) حماس طرفان اسرائيل تي حملن کي هفتو ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي هڪ سينيئر اسرائيلي اهلڪار انٽيليجنس ۾ غلطي جو اعتراف ڪري ورتو آهي جنهن اسرائيلي رياست کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
7 آڪٽوبر جي صبح جو فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس عزا جي سرحدي رنڊڪ کي ٽوڙيندي ڏکڻ اسرائيل ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ۽ حملا شروع ڪيا.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب قومي سلامتي جي مشير زاچي هنيگبي نالي سيڪيورٽي صلاحڪار کان هڪ پريس بريفنگ دوران سوال پڇيو ويو ته ڇا ان حملي بابت اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسين کي خبر نه پئي؟
جواب ۾ هن اعتراف ڪيو ته اها منهنجي غلطي آهي ۽ انهن سڀني ماڻهن جي غلطين کي ظاهر ڪري ٿي جن جو ڪم انٽيليجنسي اطلاعن جو تجزيو ڪرڻ هو.
زاچي وڌيڪ چيو ته اسان کي يقين هو ته حماس ماضي ۽ خاص طور تي 2021ع جي جنگ مان سبق سکيو هوندو.
ان کانسواءِ پريس بريفنگ ۾ زاچي حماس سان گڏ قيدين جي ڏي وٺ ڪنهن به معاهدي لاءِ ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان دشمن سان ڳالهائڻ جو ڪو به طريقو ناهي جنهن اسان کي ختم ڪرڻ جو قسم کنيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.