آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست تي جتي مداح ڏکارا آهن، اتي وري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي حيران ڪندڙ دعويٰ سامهون آئي آهي.
ايڪس تي حريم شاهه ٽوئيٽ ڪندي دعويٰ ڪئي ته معتبر ذريعن کان خبر پئي آهي ته بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جي شاهه پاڪستان ٽيم جي ڪارو جادو ڪرڻ لاءِ ڪاري جادو جي ماهر ڪارتڪ چڪرورتي جون خدمتون حاصل ڪيون.
حريم شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اهو قبولڻ جوڳو ناهي.
According to credible source, BCCI Secretary Jay Shah hired famous Black magic expert / tantrik Kartick Chakraborty to do black magic on Team Pakistan. @ICC should investigate. This is unacceptable..!!!#INDvsPAK #PAKvIND pic.twitter.com/UPbY9RwAaD
— Hareem Shah (@_Hareem_Shah) October 14, 2023