واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن فلسطيني صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻنهي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي علائقي ۾ انساني امداد جي پهچ جي اجازت ڏين.
پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته محمود عباس، جو بائيڊن کي فلسطيني عوام، خاص طور غزا جي شهرين لاءِ مداد پهچائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
فلسطيني اڳواڻ آمريڪي صدر کي ٻڌايو ته اهي غزا مان فلسطينين جي لڏپلاڻ کي مڪمل طور رد ڪن ٿا.
جو بائيڊن، محمود عباس سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته حماس فلسطيني عوام جي وقار ۽ حقن جي ترجماني نه پئي ڪري، جڏهن ته نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه ۾ هن اسرائيل لاءِ پنهنجي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.
You might also like