اسرائيل سڄي وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل سڄي وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
اسرائيلي فوج جي اعليٰ ترجمان ڊينيئل هاگري چيو آهي ته فوج وچ اوڀر ۾ ڪٿي به ڪم ڪندي.
اسرائيلي ميڊيا هگاري جي حوالي سان چيو ته اسان سدائين پنهنجي ڀرپاسي ۽ سڄي وچ اوڀر تي نظر رکي آهي.
هن چيو ته فوج ملڪ جي سلامتي جو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ ڪٿي به ڪم ڪندي، اسان سڀني ميدانن ۾ انتهائي طور تيار آهيون.
سندس چوڻ هو ته غزا جي اتر ۾ موجود فلسطيني ڏکڻ ڏانهن هليا وڃن، اتر غزا ۾ اهم فوجي سرگرميون ٿيڻ واريون آهن.
اسرائيلي فوجي ترجمان چيو ته غزا جا شهري صبح 10 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين نڪري سگهن ٿا، ان دوران کين نشانو نه بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.