ڀارتي جهاز جي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جهاز ڪراچي جي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي، ڀارتي ايئر لائن جي اڏام آءِ ايڪس 192 دبئي کان امرتسر وڃي رهي هئي.
اڏام دوران مرگي جو دورو پوڻ تي ڪپتان پاڪستاني ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪيو ۽ ان کيس جهاز لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ جي تصديق ڪئي.
ترجمان چيو ته جهاز جي لينڊنگ کانپوءِ بارڊر هيلٿ سروسز، سي اي اي جا ڊاڪٽر فوري طور پهچي ويا ۽ مسافر کي طبي امداد فراهم ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.