دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي حوالي سان اها خبر سامهون آئي آهي ته هن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن غزا تي بمباري بند نه ڪئي وئي ته هو دنيا کي گيس جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏيندا.
پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي اعوائون ڪندي اهو چيو پيو وڃي ته قطر جي امير ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن اسرائيل غزا تي بمباري بند نه ڪئي ته عالمي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
11 آڪٽوبر تي هڪ فيسبڪ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني طرفان اها دمڪي سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن غزا تي بمباري بند نه ڪئي وئي ته هو دنيا کي گيس جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏيندا.
اطلاعن موجب قطري حڪومت قيدين جي ڏي وٺ تي ڳالهيون ڪري اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
واضح رهي ته قطر قدرتي گيس جو ٽيون وڏو سپلائر آهي ۽ روس جي يوڪرين تي حملي کان پوءِ کان يورپ کي گيس فراهم ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.
پر حقيقت اها آهي ته قطر جي امير ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني ڇو جو قطري حڪومت واضح ڪيو ته حڪومت اسرائيل ۽ حماس وچ جنگ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي آهي پر اهڙي ڪا ڌمڪي ناهي ڏني.
واضح رهي ته اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ جي موجودا صورتحال ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن قطر جو دورو ڪيو ۽ قطري قيادت سان ملاقات ئي پر ان دوري جي ڪنهن نيوز ڪانفرنس يا نيوز ڪوريج ۾ گيس جي فراهمي جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو.
You might also like