پانڊيا بال تي ڪجهه ڦوڪيو ۽ امام الحق آئوٽ ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هاردڪ پانڊيا پاران امام الحق کي آئوٽ ڪرڻ جو معاملو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ دوران آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا بال تي ڪجهه ڦوڪيو ۽ پاڪستاني اوپننگ بيٽسمين امام الحق آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو.

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران ڀارتي بالر هاردڪ پانڊيا پاران پاڪستاني اوپننگ بيٽسمين امام الحق کي آئوٽ ڪرڻ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو.

امام الحق جي وڪيٽ تي بال اڇلائڻ کان اڳ هاردڪ پانڊيا پنهنجي هٿن ۾ موجود بال تي ائين لڳو ڄڻ ڪجهه پڙهي رهيو هجي ۽ پوءِ بال ڊليور ڪيو، جنهن تي امام الحق وڪيٽ جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

ان تي سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو، ڪجهه چيو ته پانڊيا بال تي اسپاٽ ڪيو هو جڏهن ته ڪجهه چيو ته هن منتر پڙهڻ کان پوءِ ڦوڪيو هو.

واضح رهي ته ڀارت خلاف پاڪستان جي بيٽنگ لائن بری طرح ناڪام ٿي وئي ۽ پوري پاڪستاني ٽيم 42.5 اوورن ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.