دنيا جي ڪيترو سيڪڙو آبادي سمارٽ فون کان محروم آهي؟

موبائل ۽ انٽرنيٽ جي استعمال جي انگن اکرن تي نظر رکندر عالمي اداري موجب هن وقت به دنيا جي اڌ آبادي سمارٽ فونز کان محروم آهي جڏهن ته ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ سمارٽ فونز کان محروم ماڻهن جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.
انٽرنيٽ ۽ موبائل فونز جي استعمال تي نظر رکندڙ اداري ”جي ايس ايم اي“ جي تازي رپورٽ موجب 2022ع جي پڄاڻي تائين دنيا جا 4 ارب 60 ڪروڙ ماڻهو موبائل تي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا هئا.
رپورٽ موجب موبائل تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ 4 ارب انسانن وٽ سمارٽ فون هئي جڏهن ته باقي 60 ڪروڙ ماڻهو فيچر فونز (سادن بٽڻن واري فون) تي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا هئا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع تائين دنيا جي آبادي 8ارب تائين پهچي چڪي هئي، جن مان 4 ارب 60 سيڪڙو ماڻهن وٽ هر قسم جا موبائل فونز هئا پر سمارٽ فونز رڳو 4 ارب ماڻهن وٽ هئا، يعني هيل تائين دنيا جا اڌ ماڻهو سمارٽ سمارٽ فونز کان محروم آهن.
رپورٽ مان اها به خبر پوي ٿي ته حيران ڪندڙ طور تي 2022ع ۾ سمارٽ فونز استعمال ڪندڙ نون ماڻهن جي انگ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ گھٽتائي ٿي ۽ رڳو 20 ڪروڙ نون ماڻهن نون ماڻهن جو واڌارو ٿيو.
ان کان اڳ 2020ع ۾ 2021ع ۾ ترتيبوار سڄي دنيا ۾ سمارٽ فون استعمال ڪندڙن ۾ ساليانو 30 ڪروڙ اضافو ٿيو هو.
اداري موجب پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 2015ع جي ڀيٽ ۾ هاڻي سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز استعمال ڪندڙ واهپيدارن ۾ نمايان اضافو ٿيو جيڪو ماضي ۾ گھڻو سست هو.
اداري موجب انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فونز جي جديد دور ۾ هن وقت به ڪيترا ئي خطا اهڙا آهن، جتي هيل تائين ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ جي سهولت دستياب ناهي جڏهن ته اتر آمريڪي خطي ۾ گھڻا ماڻهو اڃا به ٽو جي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا آهن.
اداري جي انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته ترقي يافتا ملڪن جا 85 سيڪڙو ماڻهو سمارٽ فونز استعمال ڪندا آهن جڏهن ته سٺي آمدني وارن ملڪن ۾ اهو انگ 60 سيڪڙو تائين آهي.
سمارٽ فونز کان محروم خطن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ آفريقا کنڊ جي غريب ملڪن جي 59 سيڪڙو آبادي وٽ اڄ به سمارٽ موبائيل فون ناهن جڏهن ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ اهو انگ 52 سيڪڙو آهي.
مطلب ته پاڪستان، ڀارت، افغانستان، سريلنڪا، بنگلاديش، ڀوٽان ۽ نيپال جهڙن ملڪن جي اڌ آبادي تائين اڃا تائين سمارٽ فون ناهن پهتا ۽ وڏي آبادي هن وقت به فيچر فون استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.