ڪنڌڪوٽ ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ يونين آف جنرلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو
صحافين علي حسن ملڪ، مسعود عالم سومرو، غلام رسول ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي قلم ڌڻين جو چوڻ هو ته سنڌ توڙي ملڪ ۾ صحافي عدم تحفظ جو شڪار آهن، صحافي جان محمد مهر کي وڏي سازش تحت قتل ڪيو ويو
هنن نگران حڪومت ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.