ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ بي ضابطگيون ڪندڙن خلاف ڪاروائي ٿيندي: صحت وارو وزير

صحت جي صوبائي وزير چيو آهي ته اي ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ بي ضابطگين بابت ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي، پرچو آئوٽ ٿيڻ ۾ وائيس چانسلر به ملوث نڪتو ته کيس هٽايو ويندو.
ڊاڪٽر سعد نياز ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميڊيڪل جي شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ نه ڏبو. ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ بي ضابطگين تي انڪوائري جوڙي وئي انڪوائري رپورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ بي ضابطگيون ثابت ٿيون آهن.
هن چيو ته ڪنهن به شاگرد سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏبي. بي ضابطگين بابت ايف آء اي کي لکيو آهي ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڊائو يونيورسٽي کان ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 19نومبر تي ٻيهر ايم ڊي ڪيت ٽيسٽ ورتي ويندي، 49 هزار شاگردن کان وري ٽيسٽ وٺڻ وڏو چيلينج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.