ڪراچي ۾ پاڪستان ايسوسي ايشن آف بلائينڊ سنڌ پاران پندرهن آڪٽوبر نابينن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دنيا ۾ پندرهن سيڪڙو ماڻهو اکين جي نور کان محروم آهن، پاڪستان ايسو سي ايشن آف دي بلائينڊ سنڌ سميت ملڪ ۾ وڏي عرصي کان اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري ٿي.
هنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اکين جي نور کان محروم ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ خاص ڪري روزگار جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن اهي زندگي سولائيءَ سان گذاري سگهن.
ڪراچي ۾ پاڪستان ايسوسي ايشن آف بلائينڊ سنڌ پاران نابينن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
You might also like