اورڪزئي آپريشن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد، فتنه الهندستان جا 19 دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ليفٽننٽ ڪرنل ۽ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 19 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس بيسڊ آپريشن 7 ۽ 8 آڪٽوبر جي وچ واري رات ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي 11 جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ليفٽننٽ ڪرنل ۽ هڪ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي ٺڪاڻي تي ڪئي وئي، ان دوران فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪندي 19 ڀارتي اسپانسرڊ خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ليفٽننٽ ڪرنل جنيد طارق فرنٽ تان ٽيم جي قيادت ڪري رهيو هو، سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر طيب راحت به شهادت ماڻي.
ان کانسواءِ ٻين شهيدن نائب صوبيدار اعظم گل، نائڪ عديل حسين، نائڪ گل امير، لانس نائڪ شير خان، لانس نائڪ طالش فراز، لانس نائڪ ارشاد حسين، سپاهي طفيل خان، سپاهي عاقب علي ۽ سپاهي محمد زاهد شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اورڪزئي علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، پاڪستاني فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.