اڄ ميدان ۾ پاڪستان جي حق ۾ گهٽ نعرا لڳا، ڀارت سان فائنل کيڏنداسين: مڪي آرٿر

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ چيو ته اڄوڪي ميچ آءِ سي سي ايونٽ نه پر بي سي سي آءِ جو هوم ايونٽ لڳو.

ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته اڄ اسان سٺو نه کيڏياسين، هيءَ تمام وڏي ميچ هئي، 155 کان 191 تي آئوٽ ٿيڻ مناسب ناهي.

هن چيو ته ڀارت سٺي بالنگ ڪئي، اسان جوابي دٻاءُ وجهي پئي سگهياسين پر اڄ اسان ” پاڪستان وي “ مطابق نه کيڏي سگهياسين، 2017ع واري چيمپيئنز ٽرافي ۾ اسان ڀارت کي هارايو هو.

مڪي آرٿر چيو ته پليئرز هر ميچ ۾ سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اڄ آف ڪلر هئا، اسان هر ميچ کٽڻ لاءِ ميدان تي لهندا آهيون.

هن چيو ته ماضيءَ جا رڪارڊ صرف ميڊيا تي هلندا آهن، هي ڊگهو ورلڊ ڪپ آهي، اسان ٽن ميچن مان ٻه کٽيون آهن، صبر سان ايندڙ ميچن تي ڌيان ڏينداسين.

مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته ڀارت ٻڌايو احمد آباد جهڙين وڪيٽن تي ڪيئن بالنگ ڪرڻي آهي، اسان هڪ موقعي تي سٺو کيڏيو پر اننگز کي ڊيگهه نه ڏئي سهگياسين.

هن چيو ته اڄوڪي ميچ آءِ سي سي ايونٽ نه پر بي سي سي آءِ جو هوم ايونٽ لڳو، پاڪستان جي حق ۾ به گهٽ نعرا لڳا.

سندس چوڻ هوته ڀارت سٺي ٽيم آهي ۽ ڀارت خلاف فائنل کيڏڻ لاءِ پراميد آهيون، شاداب ۽ نواز کي اعتماد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ون ڊي رولڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ ڀارت پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.