غزا تي بمباري، سعودي عرب جي درخواست تي او آءِ سي جو هنگامي اجلاس طلب

جدو (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي درخواست تي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي معاملي تي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جو هنگامي وزارتي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

اسرائيل طرفان غزا تي وحشياڻي بمباري جاري آهي ۽ هيل تائين هزارين ٽن بارود غزا تي ڪيرائي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ ٻه هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.

اسرائيلي جهازن غزا مان لڏ پلان ڪندڙ فلسطينين کي به نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 70 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا آهن.

اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطين خاص ڪري غزا جي صورتحال تي او آءِ سي جو هنگامي وزارتي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.