16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي بي قدري ۽ پاڪستاني رپئي جي استحڪام جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته عالمي ۽ گلف مارڪيٽن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ به اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.

عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ مقامي سطح تي پيٽرول جو اگهه 36رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل 19 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جو اگهه 10 ڊالر گهٽيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 104 ڊالر في بيرل تي سطح تي اچي وئي.

گلف مارڪيٽن ۾ هڪ مهيني دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 11 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين جا اگهه 88 ڊالر في بيرل تي اچي ويا.

ڪچي تيل جي اگهه ۾ هڪ مهيني دوران 5 هزار رپيا في بيرل لاٿ ٿي، ڪچي تيل جي قيمت في بيرل 29 هزار رپين مان گهٽجي 24 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

پاڪستان ۾ ڊالر جي اگهه ۾ به مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ٻن مهينن دوران ڊالر جي قدر ۾ 50 رپين تائين لاٿ ٿي چڪي آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني رُپئي جي مُلهه ۾ مسلسل بهتري سبب به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي

پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان اوگرا ناڻي واري وزارت کي لکندي ۽ ناڻي واري وزارت حتمي سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي.

پيٽروليم شين جي اگهن جي حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم 15 آڪٽوبر تي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.