احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ ڀارت پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان طرفان مليل 192 رنسن جو هدف ڀارت 31 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو
ڀارتي ڪپتان روهت شرما 86 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته شُڀمَن گِل، ويرات ڪوهلي 16.16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
شيرياس ايئر 53 ۽ ڪي ايل راهول 19 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ٻه ۽ حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي.
احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .
India continue their unbeaten run against Pakistan in the Men’s @cricketworldcup with an emphatic win in Ahmedabad 👊#CWC23 | #INDvPAK pic.twitter.com/jfjRfvO5k6
— ICC (@ICC) October 14, 2023
ڀارت خلاف پاڪستان جي بيٽنگ لائين بُري طرح فلاپ ٿي وئي ۽ پوري ٽيم 42 هين اوور ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان کي پهريون نقصان عبدالله شفيق جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پيو، هو 20 رنسون ٺاهي محمد سراج جو شڪار بڻيو.
امام الحق کي 36 رنسن تي هاردِڪ پانڊيا آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم کي 50 رنسن تي سراج بولڊ ڪري ڇڏيو.
سعود شڪيل به ڇهن رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جڏهن ته افتخار احمد چار رنسون ٺاهي ڪُلديپ جي بال تي بولڊ ٿي ويو.
محمد رضوان کي 49 رنسن تي جسپريت بُمرا ڪلين بولڊ ڪيو، شاداب خان صرف ٻه رنسون ٺاهي سگهيو، محمد نواز چار، حسن علي 12 ۽ حارث رئوف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڀارت طرفان جسپريت بمرا، ڪُلديپ ياديو، رويندر جاڙيجا، هاردِڪ پانڊيا ۽ محمد سراج ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بالنگ تي جسپريت بمرا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
Jasprit Bumrah’s exceptional effort with the ball helps him win the @aramco #POTM 👌#CWC23 | #INDvPAK pic.twitter.com/3ab7n0Pl2T
— ICC (@ICC) October 14, 2023
عالمي ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان سريلنڪا خلاف فاتح سائيڊ برقرار رهي آهي.
ڀارتي اوپنر شُڀمَن گِل فٽ ٿيڻ بعد پليئنگ اليون ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جڏهن ايشان ڪِشن کي اڄوڪي ميچ ۾ ڊراپ ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ٽيم ۾ روهت شرما ڪپتان، شُڀمَن گِل، ويرات ڪوهي، ڪي ايل راهول، شيرياس ائير، هاردِڪ پانڊيا، رويندر جاڙيجا، شاردل ٺاڪر، جسپريت بُمرا، ڪُلديپ ياديو ۽ محمد سراج شامل آهن.
پاڪستان ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عبدالله شفيق، امام الحق، محمد رضوان، افتخار احمد، سعود شڪيل، محمد نواز، شاداب خان، حارث رئوف، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي پليئنگ اليون جو حصو آهن.