آڪٽوبر مهينو ڪهڙن ستارن لاءِ ڀاڳ وارو هوندو؟ ڄاڻيو

سال 2023 جو ڏهون مهينو آڪٽوبر شروع ٿي ويو آهي ۽ ان حوالي سان فلڪياتي ماهرن ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون آهن.
هونئن ته مستقبل جو احوال ڄاڻڻ انسانن جي وس جي ڳالهه ناهي پر ستارن جو علم رکندڙ ڪجهه اڳڪٿيون ضرور ڪندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن درست به ثابت ٿينديون آهن.
اچو ته ڄاڻون فڪلياتي ماهر آڪٽوبر مهيني کي ڪهڙن ستارن لاءِ سٺو قرار ڏين ٿا.
1: برج حمل (21 مارچ کان 19 اپريل)
سڀني برجن ۾ پهرئين نمبر تي موجود حمل بابت ماهرن جي دعويٰ آهي ته هي مهينو انهن لاءِ سٺو ۽ خوشگوار ثابت ٿي سگهي ٿو، اهي ماڻهو جن جا مٽن مائٽن سان سٺا لاڳاپا ناهن، اهي سٺا ٿيڻ جا امڪان آهن، ان سان گڏوگڏ ٿي سگهي ٿو ته ڪا ترقي هن مهيني جو انتظار ڪندي هجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته برج حمل وارن آڪٽوبر مهينو سال جي بهترين مهينن مان هڪ هوندو.
2: برج سرطان (22 جون کان 22 جولاءِ)
اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي فيملي لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهن، امڪان آهي ته هن مهيني پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت فيملي سان گڏ گذاريندا.
ان کانسواءِ اهي ڪجهه شئي جو وڏي وقت کان انتظار ڪري رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اها هن مهيني ملي وڃي، هي مهينو سرطان وارن لاءِ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سٺو ثابت ٿيندو.
3: برج ميزان (23 سيپٽمبر کان 22 آڪٽوبر)
ان ستاري وارا هن مهيني جيڪڏهن پنهنجي زندگي کي متوان طريقي سان وٺي هلن ته انهن لاءِ آڪٽوبر شاندار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڪوشش اها ڪيو ته گهر، ڪاروباري ۽ پيشيوراڻي زندگي الڳ رکو، ان کانسواءِ ڪو سٺو موقعو اچي ته ان کي نه وڃايو.
4: برج جدي (22 ڊسمبر کان 20 جنوري)
جدي برج وارن کي به ماهرن ان فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، جن جو هلندڙ مهيني سٺو وقت گذرڻ وارو آهي.
ٿي سگهي ٿو ته کين اها خوشخبري ملي، جنهن جو اهي انتظار ڪري رهيا آهن يا سندن ڪا پراڻي خواهش پوري ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.