ڪنڌڪوٽ ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي جنهن کي شهرين پاران گٽر مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
ڪنڌڪوٽ جي هيب روڊ تي اسڪول ويندڙ ٻارڙي گٽر کيس ڍڪڻ نه هجڻ سبب ڪِري پئي ٻارڙي جي رڙيون ڪرڻ تي علائقي واسين پهچي سندس حياتي بچائي ورتي.
ڪنڌڪوٽ کي ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود گٽرن کي ڍڪن ناهن نه ئي شهر ۾ ڪا صفائي سٿرائي آهي.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته انتظاميا جي نااهلي سبب شهرين ۽ سندن ٻارن جو حياتيون داءَ تي لڳل آهن، ڪرپٽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري شهرين حياتين کي بچايو وڃي.