ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٿاڻن جي انسپيڪشن سسٽم لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
هدايتن موجب هر ڊي ايس پي کي 15 ڏينهن ۾ ٿاڻن جو معائنو ڪرڻ پوندو ۽ ايس پي کي 15 ڏينهن ۾ ٿاڻن جو معائنو ڪرڻو پوندو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته هر ٽن مهينن بعد ڊي آءِ جيز ٿاڻن جو معائنو ڪن، ايڊيشنل آءِ جيز هر 6 مهينن بعد ٿاڻن جو معائنو ڪن، آءِ جي سال ۾ ٻه ڀيران ٿاڻن جو معائنو ڪري.
وڏي وزير جي هدايتن موجب اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنرز به ٿاڻن جو معائنو ڪن، معائني دوران رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي.
غفلت جي نشاندهي تي لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ معائني جي رپورٽ موڪلي وڃي ته جيئن مناسب ڪارروائي ڪري سگھجي.