ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن 15 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو.

ان سلسلي ۾ عورتن جي حقن لاءِ سرگرم تنظيمن پاران سيمينار، سمپوزيم ۽ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.

ڳوٺاڻين عورتن جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 15 آڪٽوبر 2008ع تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويو هو، هن ڏينهن کي گڏيل قومن پاران 2007ع ۾ منظور ڪيو ويو.

هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ٻهراڙيءَ جون عورتون زراعت سان واڳيل آهن ۽ خوراڪ جي پيداوار جو 50 سيڪڙو انهن ڳوٺاڻين تي ڀاڙي ٿو.

ترقي پذير ملڪن ۾ 25 سيڪڙو ٻهراڙيءَ جي عورتن کي تعليم تائين رسائي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.