ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تحقيقي ۽ صلاحڪار فرم ’گيلپ‘ جي تازي سروي موجب هر 10 مان 3 پاڪستاني چون ٿا ته هو پنهنجي وارن کي رنگڻ لاءِ ’هيئر ڊائي‘ جو استعمال ڪندا آهن.
سروي لاءِ چونڊيل مردن ۽ عورتن کان سوال پڇيو ويو ته ”ڇا توهان پنهنجا وار رنگيندا آهيو“ ۽ 32 سيڪڙو مردن ۽ عورتن چيو ته ”ها، اسان پنهنجا وار رنگيندا آهيون“ جڏهن ته 68 سيڪڙو انڪار ڪيو.
سروي 24 کان 28 آگسٽ 2023 تائين پاڪستان جي چئني صوبن جي ڳوٺاڻن ۽ شهري آبادي مان 853 مردن ۽ عورتن تي ڪئي وئي.
هن سروي ۾ غلطي جو مارجن 2 کان 3 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو.
سروي ۾ مردن ۽ عورتن جي راءِ ٽيليفون ڪالز ذريعي ورتي وئي.