احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا جو پاڪستاني اوپننگ بيٽر امام الحق کي آئوٽ ڪرڻ سوشل ميديا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
امام الحق 73 جي مجموعي اسڪور تي 36 رنسون ٺاهي هاردِڪ پانڊيا جي بال تي آئوٽ ٿيو.
Did Hardik Pandya use saliva on the ball before bowling to Imam Ul Haq? Is this allowed? 👀 #WorldCup2023 #INDvsPAK pic.twitter.com/eItDYcXVey
— Farid Khan (@_FaridKhan) October 14, 2023
امام الحق جي وڪيٽ وارو بال هلائڻ کان اڳ هاردِڪ پانڊيا هٿن ۾ پڪڙيل بال تي ڪجهه پڙهي ڦوڪ ڏني، پوءِ ڊوڙندو آيو ۽ امام الحق وڪيٽن پٺيان ڪئچ آئوٽ ٿي ويو.
Hardik Pandya before bowling – Mahadev Sambhal lena
And he takes wicket on that ball
The Power of Mahadev 🔥#INDvsPAK pic.twitter.com/vr2UEL3Hes
— Aarav (@sigma__male_) October 14, 2023
ان تي سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪنهن چيو ته پانڊيا بال تي ٿُڪ هنئي ته ڪنهن چيو ته ڪو منتر پڙهي ڦوڪَ ڏني.
Mantra from Hardik Pandya to the ball.
Next ball, Imam Ul Haq was dismissed. pic.twitter.com/n49dGtDOx9
— Mufaddal Vohra (@mufaddal_vohra) October 14, 2023
واضح رهي ته ڀارت خلاف پاڪستان جي بيٽنگ لائين بُري طرح فلاپ ٿي وئي ۽ پوري ٽيم 42 هين اوور ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي.