ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيل پوليس به جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
جيلن ۾ عالمي سطح تي استعمال ٿيندڙ موبائل ايپليڪيشن جي پاڪستاني ورزن کي ٽرائل لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن ايپليڪيشن ۾ ٻيون ڪهڙيون خاصيتون آهن، ڪڏهن استعمال ٿينديون؟
بين الاقوامي ڪمپني جي ايپليڪيشن Ameloconnect جو پاڪستاني ورجن ٺاهيندي، ايپ ذريعي وڊيو ڪالز ۽ ملاقاتن لاءِ اپائنٽمينٽ وٺي سگهبو.
شهري ايپليڪيشن کي انسٽال ڪري قيدين جا نالا ۽ ڊيٽا داخل ڪندا، ايپليڪيشن ذريعي ملاقات جو وقت ۽ ڏينهن جي تصديق ڪئي ويندي.
5 جيل اهلڪارن کي موبائل ايپ استعمال ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي.
ايپليڪيشن کي شروعاتي طور سينٽرل جيل ۾ آزمائشي بنيادن تي استعمال ڪيو ويندو.
آءِ جي جيل موجب ايپليڪيشن ذريعي قيدين جي ملاقاتن جي نگراني ڪئي ويندي.
ايپليڪيشن ذريعي قيدين سان ڪيتري وقت ملاقات ٿي، ان جو سمورو رڪارڊ محفوظ ڪيو ويندو، ايپليڪيشن جو استعمال جنوري کان شروع ڪيو ويندو.