ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي بندرگاهن وٽان ڪڻڪ جي رسد بيهي وئي آهي جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.
ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم کان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي رسد بند ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان فلور ملز ايسوسي ايشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايڪسل لوڊ تي عمل ٿيڻ سبب ٽرڪن تي ڪڻڪ لوڊ نه پئي ڪئي وڃي.
هنن چيو ته جيڪڏهن ڪڻڪ جي رسد بند رهي ته بحران پيدا ٿي پوندو ۽ اٽو مهانگو ٿي ويندو.
گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪراچي جي ٻن بندرگاهن مان ڪڻڪ جو هڪ ٽرڪ به نه نڪري سگهيو آهي.
ٻنهي بندرگاهن تي ڪڻڪ جي 3 ٻيڙين مان ڪڻڪ آف لوڊ ڪئي پئي وڃي.
روس مان ۽ هڪ جهاز رومانيا کان آيو آهي، مجموعي طور ٽن جهازن مان اڍائي لک ٽن ڪڻڪ سڄي ملڪ ۾ پهچائڻي آهي.