حنا پرويز بٽ جو ڊليٽ ڪيل ٽويٽ وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع جي اهم ميچ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائن بری طرح ناڪام ٿي وئي ۽ ٽيم 191 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي سوشل ميڊيا تي مختلف شخصيتن پاران تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ به پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي تي سياسي تبصرو ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ ڊليٽ ڪيو ويو هو.

حنا پرویز بٹ نے ٹیم کی پرفارمنس سے متعلق ٹوئٹ ڈیلیٹ کردیا

سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ حنا پرويز بٽ چيو ته پاڪستاني ٽيم اڄ پي ٽي آءِ جهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري پوري قوم کي مايوس ڪيو آهي.

حنا پرويز بٽ به ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.