حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)سنڌ م موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي لاءِ سڀاڻي جسقم مرڪز پاران نسيم نگر کان تبمورا چوڪ تائين تاريخي احتجاجي ريلي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن.
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي منشي فيملي وٽ حيدرآباد شهر پهچي ويو، سينئر صحافي,ايڊووڪيٽ عبدالوهاب منشي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي آجيان ڪئي ۽ کيس اجرڪ پارايو.
ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو چوڻ هو ته سکر، نوابشاھ، دادو، سانگهڙ، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۾ تاريخي احتجاجي ريلين کان پوءِ سڀاڻي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي نڪرندي، ريلي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا نئين تاريخ لکنداسين.
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي سنڌ ۾ بدامني، دهشتگردي منشيات وڌي وئي آهي،
صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ مان افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.
ان موقعي تي صنعان خان سان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، سهيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، پرويز قريشي، علي بخش ڪابورو ۽ ٻيا گڏ موجود هئا.