اداڪارا تنوشري دتا راکي ساونت خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا ساٿي اداڪارا راکي ساونت خلاف آيف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.
ممبئي جي اوشيوارا ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ تنوشري راکي تي 2018ع ۾ مي ٽو مهم دوران نفسياتي صدمو پهچائڻ جو الزام لڳايو آهي.
تنوشري دتا موجب راکي هن تي ڪوڙا الزام لڳائي هن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان سندس ساک ۽ شوبز ڪيريئر متاثر ٿيو آهي.
اداڪارا ايف آءِ آر ۾ اهو الزام به لڳايو ته هن جي شوبز ڪيريئر کي تباهه ڪرڻ لاءِ راکي ساونت هڪ گھري ساز جو حصو بڻي هئي.
تنوشري موجب هوءَ راکي جي خلاف قانوني رستو اختيار ڪري رهي آهي ته جيئن هوءَ وڌيڪ نقصان کان بچي سگھي ۽ کيس انصاف ملي سگھي.
هن هراساني ۽ بدمعاشي جي شڪار ٻين متاثرن تي زور ڏنو ته اهي به اڳتي وڌن ۽ پنهنجن حقن لاءِ قانوني جنگ وڙهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.