بدين:ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيرن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين ڀرسان ڳوٺ حاجي اسماعيل کوسو جي رهواسين بااثر وڏيرن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺاڻن خان محمد کوسو، محمد عثمان کوسو، مسمات امينا کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته  بااثر وڏيرا عبدالمجيد کوسو، مشتاق کوسو، ۽ ٻيا سندن زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ زمين خالي ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، بااثر  روزانو هٿيار کڻي اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ٿا.

هنن چيو ته بااثرن هڪ ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان کمون کوسو  کي گهر ۾ گھڙي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي سخت زخمي ڪيو ۽ جنهن جي رپورٽ ماڊل ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي جڏهن ته اسپتال انتظاميا مخالفن جي چوڻ تي نوجوان کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ جي گھرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.