ڀان سيدآباد شهر ۾ ايس يو پي پاران بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ ٽرانسفارمرز تي پرائيويٽ ماڻهن جي قبضي خلاف ڌرڻو هنيو ويو آهي.
ايس يو پي جي اڳواڻ اصغر شاهاڻي ، علي رضا چنا ، سونو خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي واپڊا انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀان شهر ۾ روز 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري شهرين سان ظلم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٽرانسفارمرز تي پرائيويٽ ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي.
احتجاج ڪندڙڻ جو چوڻ هو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرڊ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ گرڊ اسٽيشن اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.